شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب هروي

شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب هروي: هيءُ بزرگ اصل خراسان جو باشندو هو، جيڪو ترڪماني فسادن بعد سنڌ ۾ آيو ۽ بکر ۾ اچي مقيم ٿيو. شاهه حسن ارغون کيس بکر جو ‘شيخ الاسلام’ مقرر ڪيو. پنهنجي وقت جو وڏو واعظ هو. هن بزرگ 997هه/1588ع ڌاري وفات ڪئي. شاعر به هو، سندس هيٺيون فارسي شعر قابل داد آهي:
جهادِ نفس به ست از جهاد اسلامي،
ڪه در درون جان است دشمنِ دين را.


هن صفحي کي شيئر ڪريو